Judges 8:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُهي سونا پنڙا جي هن گهريا تن جو وزن هڪ هزار ست سؤ سون جا شيڪل ٿيو، تنهن کان سواءِ نئين چنڊ جي شڪل وارا زيور، ۽ هار، ۽ واڱڻائي پوشاڪ، جا مديانين جي بادشاهن تي هئي، ۽ جيڪي زنجيرون انهن جي اُٺن جي ڪنڌن تي هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي سونيون واليون جيڪي هن گھريون هيون تن جو وزن اٽڪل ويهہ ڪلوگرام ٿيو، سواءِ انهن نئين چنڊ جي شڪل وارن پنڙن، ٻين زيورن ۽ واڱڻائي پوشاڪن جي، جيڪي مديانين جي بادشاهن کي پهريل هيون ۽ انهن زنجيرين جي جيڪي انهن جي اٺن جي ڳچيءَ ۾ پيل هيون.