Judges 9:48 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ابيملڪ، جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سڀني سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي، ۽ اُها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪي اوهان مون کي ڪندو ڏٺو آهي، سو اوهين بہ جلدي ڪري ائين ئي ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تيئن ئي هو پنهنجي لشڪر سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو. تڏهن ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي ۽ اها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين. پوءِ پنهنجي لشڪر کي چيائين تہ ”جيئن اوهان مون کي ڪندي ڏٺو آهي سو اوهين بہ جلدي ائين ئي ڪريو.“