Judges 9:49 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سڀئي ماڻهو هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ابيملڪ جي پٺيان ويا، ۽ اُهي بهري جي چوڌاري رکيائون، ۽ پوءِ انهيءَ بهري کي کڻي باهہ ڏنائون؛ جنهن ڪري سڪم جي ٺلهہ جا سڀ ماڻهو، جي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ زالون هئا، سي مري ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هر هڪ ڄڻي اهڙيءَ طرح هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ۽ ابيملڪ جي پٺيان لڳي پيا. انهن اهي قلعي جي چوڌاري رکيون ۽ پوءِ انهيءَ قلعي کي کڻي باهہ ڏنائون. سو سڪم جي ٺُلهہ مان نڪتل سڀ مُکيہ ماڻهو سڙي مري ويا جيڪي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ عورتون هئا.