Lamentations 1:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
وسنديءَ جو هر ڪو ماڻهو آهون ڀريندي کاڌي جي ڳولا ڪندو پيو وتي. اهي پنهنجيون قيمتي شيون بہ مانيءَ جي چند ٽڪرن لاءِ ڏيو ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پنهنجي حياتي بچائي سگھن. سو يروشلم جي وسندي خداوند کي پڪاري ٿي تہ ”اي خداوند! مون تي نگاهہ ڪري ڏس تہ آءٌ ڪيتري نہ ذليل بڻجي ويئي آهيان!“