Lamentations 1:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، اها هر واٽهڙوءَ کي پڪاري چوي ٿي تہ ”اي واٽهڙؤ! ڏسو، ڇا اوهان جي نظر ۾ هي ڪجھہ بہ ناهي؟ غور سان ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪنهن ٻئي جو ڏک آهي ڇا؟ هائو، اهو ئي ڏک، جيڪو خداوند پنهنجي سخت قهر واري وقت مون کي رسايو.