Lamentations 1:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يهوداہ ڏکن سبب، ۽ گهڻيءَ ٻانهپ سبب قيد ٿي ويو آهي: هو غير قومن ۾ ٿو رهي، ۽ ڪوبہ آرام نٿو اچيس: ان جي سڀني پٺيان پوندڙن کيس گهٽيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
وسنديءَ جي سڀني ماڻهن يعني يهوداہ وارن قبضي هيٺ اچي ڪري ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ پوءِ جلاوطن ڪيا ويا آهن. هو غير قومن منجھہ ڏکي زندگي پيا گھارين، ۽ کين ڪو اهڙو گھر نہ ٿو ملي جتي هو آرام سان رهي سگھن. هر طرف کين دشمن ئي دشمن نظر پيا اچن، ۽ اتان ڀڄي نڪرڻ جو کين ڪو رستو ئي نہ ٿو ملي.