Lamentations 1:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يروشلم جي ڌيءَ پنهنجي ڏک ۽ پنهنجن مصيبتن جي ڏينهن ۾، پنهنجن قديم وقت وارن مزي جهڙين شين کي ياد ٿي ڪري: جڏهن ان جا ماڻهو دشمن جي هٿ چڙهيا، ۽ ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوس، تڏهن دشمنن کيس ڏٺو، ۽ سندس ويرانيءَ تي ٺٺوليون ڪيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.