Lamentations 2:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پروردگار پنهنجي قربانگاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.