Leviticus 10:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ” خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربانگاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.