Leviticus 10:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هارون موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي گناهہ جي قرباني ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهي آهي؛ ۽ مون تي اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن: ۽ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها گناهہ جي قرباني کاوان ها، تہ اها خداوند جي نظر ۾ قبول پوي ها ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي هارون موسيٰ کي وراڻيو تہ ”ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي آهي. جڏهن تہ مون سان اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني کاوان ها تہ خداوند جي نظر ۾ اهو چڱو هجي ها ڇا؟“