Leviticus 10:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.