Leviticus 11:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جن شين جي ڪري اوهين ناپاڪ ٿيندا، سي هي آهن: جيڪو مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.