Leviticus 12:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن پٽ جي لاءِ توڙي ڌيءَ جي لاءِ، هڪڙو يڪسالو گهيٽو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو يا هڪڙو ڳيرو، گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ کڻي اچي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ لاءِ پٽ يا ڌيءَ جا مقرر ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هوءَ هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو ڪبوتر يا هڪڙو ڳيرو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.