Leviticus 13:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بت جي کل تي سوڄ يا ڏڍ يا ڪو چمڪندڙ داغ ٿئي، ۽ اُهو سندس بت جي کل تي ڪوڙهہ جو مرض ٿي پوي، تہ انهي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽن، جي ڪاهن آهن، تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي سوڄ، ڏڍ يا ڪو اڇو چمڪندڙ داغ ٿئي ۽ اهو وڌي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض معلوم ٿئي، تہ پوءِ انهيءَ معاملي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي.