Leviticus 14:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پاڪ مڪان ۾ جنهن هنڌ گناهہ جي قرباني ۽ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ هو انهي گهيٽي کي ذبح ڪري: ڇالاءِ تہ جهڙي طرح گناهہ جي قرباني ڪاهن جي آهي، تهڙي طرح خطا جي قرباني بہ ڪاهن جي آهي: اها تمام پاڪ آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.