Leviticus 14:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن هو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگهي، تہ خطا جي قربانيءَ لاءِ لوڏڻ واسطي هڪڙو گهيٽو آڻي، تہ هن جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل جو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگھي، تہ پوءِ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪرڻ واسطي هڪڙو گھيٽو آڻي، تہ جيئن ڪفارو ادا ڪيو وڃي. اناج جي قربانيءَ لاءِ هو رڳو هڪ ڪلوگرام ميدو زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل آڻي.