Leviticus 16:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان بعد هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪر کي ذبح ڪري، جيڪو قوم جي واسطي آهي. انهيءَ جو رت کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي ۽ وهڙي جي رت وانگر انهيءَ جو رت بہ رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي ۽ صندوق جي اڳيان ڇٽڪاري.