Leviticus 16:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.