Leviticus 17:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.