Leviticus 17:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ حڪم جو مقصد هي آهي تہ بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي پنهنجي قربانين جا جانور کُليل ميدان ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪن ٿا، سي هاڻي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي، مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ آڻين ۽ انهن کي سلامتيءَ جي قربانيءَ طور اتي ذبح ڪن.