Leviticus 20:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ تون پنهنجيءَ ماءُ جي ڀيڻ، ۽ پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي ويجهي مائٽياڻيءَ کي اُگهاڙو ڪيو آهي: هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين پنهنجي ماسيءَ يا پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو. جيڪو ائين ڪري ٿو سو پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي عزت وٺي ٿو ۽ انهيءَ جو گناهہ ٻنهي جي سر تي هوندو.