Leviticus 20:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.