Leviticus 22:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ بيوہ، يا طلاق ڏنل هجي، ۽ انهي کي اولاد نہ هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مانيءَ مان کائي: پر ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رنزال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.