Leviticus 22:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هنن کي چئُہ تہ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان ڪوبہ شخص، جو ناپاڪ هوندو، ۽ انهن پاڪ شين جي ويجهو ويندو، جن کي بني اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو هوندو، سو منهنجي حضور مان تباهہ ڪيو ويندو: آءٌ خداوند آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘