Leviticus 23:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اوهين انهيءَ مانيءَ سان گڏ ست يڪسالا بي عيب گهٽا، هڪڙو وهڙو، ۽ ٻہ گهيٽا پيش ڪجو: اهي کاڌي جي قربانيءَ ۽ پيئڻ جي قربانيءَ سان گڏ، خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هجن، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن روٽن سان گڏ اوهين قوم جي طرفان ست هڪسالا بيعيب گھيٽا، هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ گھٽا پيش ڪجو. اهي مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هجن ۽ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سان گڏ پيش ڪجن. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا ساڙبي آهي.