Leviticus 23:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“