Leviticus 26:36 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.