Leviticus 27:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي هوندي بہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪري، پوءِ اها وقف ڪيل شيءِ ماڻهو هجي توڙي جانور هجي، يا سندس ملڪيت جي ڪا ٻني هجي، تہ اها وڪامڻ ۾ نہ اچي، ۽ نڪي عيوضو ڏيئي ڇڏائي وڃي: سڀڪا وقف ڪيل شيءِ خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي جانور يا سندس موروثي ٻني هجي، تہ اها هرگز نہ وڪي وڃي، نڪي وري عيوضو ڏيئي اها ڇڏائي وڃي. اهڙي هر وقف ڪيل شيءِ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي.