Leviticus 5:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.