Leviticus 6:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ واري تيل گڏيل ميدي مان، قربانيءَ تي رکيل سموري لوبان سميت مٺ ڀري ڪڍي ۽ اها قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.