Leviticus 6:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
” هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي، جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو جانور بہ مون خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ مخصوص آهي.