Leviticus 7:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي.