Leviticus 7:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن هن جي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪجهہ گوشت ٽئين ڏينهن تائين کائبو، تہ اها قبول نہ پوندي، نڪي اها ڏيڻ واري جي بِلي شمار ٿيندي: اهو گوشت مڪروهہ آهي، ۽ جيڪو انهي مان کائيندو تنهن تي انهي جي گناهہ جو بار پوندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن انهيءَ گوشت مان ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ کائبو تہ اها قرباني قبول نہ پوندي، نڪي انهيءَ جو اجورو قرباني ڏيڻ واري کي ملندو، ڇو تہ اهو گوشت حرام آهي ۽ جيڪو انهيءَ مان کائيندو تنهن جو گناهہ انهيءَ جي مٿان پوندو.