Leviticus 8:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجا پٽ هي گوشت خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ رڌيو. پوءِ اهو مخصوصيت واري قربانيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ اتي ئي ويهي کائو، جيئن مون خداوند جو حڪم ٻڌايو آهي تہ ’ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.‘