Luke 1:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو خدا جو پيغام الياس نبيءَ جي روح ۽ طاقت سان ڏيندو ويندو، تہ جيئن ھو پيئرن کي اولاد لاءِ دل ڏئي، نافرمانن کي وري نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي ۽ خداوند لاءِ ھڪڙي مستعد قوم تيار ڪري.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو پرڀوءَ جي اچڻ لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جهڙي آتما ۽ شڪتيءَ سان سيوا ڪندو، تہ جيئن هر ماتا پتا جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي پرڀوءَ لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“