Luke 1:32 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ مهان ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو وڏي عظمت وارو ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت عطا ڪندو.