Luke 1:35 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
دوت وراڻيس تہ ”پوِتر آتما تو تي پرگھٽ ٿيندي. هائو، مهان ايشور جي شڪتي تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پوِتر ٻار ايشور جو پٽ ڪري سڏبو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.