Luke 1:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾، ابياہ جي فرقي مان، زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو، ۽ سندس زال اليشبع هارون جي ڌيئرن مان هئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ ابياہ ٽولي ۾ ذڪريا نالي ھڪڙو ڪاھن ھو. سندس زال بہ ھارون جي اولاد مان ھئي، جنھن جو نالو اليشبع ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ منڊليءَ ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس پتني بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ ٽولي ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس زال بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو.