Luke 10:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن کان پوءِ خداوند ٻاھتر ڄڻا ٻيا بہ مقرر ڪيا، جيڪي ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ ھر انھيءَ شھر ۽ جاءِ تي اڳ ۾ ويا جتي کيس پاڻ وڃڻو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ کان پوءِ پرڀوءَ ستر چيلا ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ خداوند ستر شاگرد ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.