Luke 10:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
’اوھان جي شھر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي ھئي، سا بہ ڇنڊي وڃون ٿا، پر ھي بہ ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘