Luke 10:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
افسوس آهي توتي، اي خرازين! افسوس آهي توتي، اي بيت صيدا! ڇوتہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر اُهي کٿو ڍڪي، ۽ رک وجهي، ڪڏهانڪر ويهي توبهہ ڪن ها.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيتصيدا! ڇالاءِجو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع بيوشواس شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ بياعتقاد شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.