Luke 10:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِجو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“