Luke 10:24 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ راجائن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو، سو اهي بہ ٻڌن پر نہ ٻڌائون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاهن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو سو اهي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“