Luke 10:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان، پنھنجي سڄيءَ طاقت ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن يسوع کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“