Luke 10:40 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر مارٿا گهڻو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيئي، ۽ وٽس اچي چيائين، تہ اي خداوند، توکي خيال ڪونہ ٿو پوي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ اڪيلو کڻي ڇڏيو آهي؟ هاڻي چئينس تہ اچي منهنجي مدد ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي ۽ اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي خداوند! اوھان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منھنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آھي؟ ھاڻي چئوس تہ منھنجي مدد ڪري.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي يسوع کي چيائين تہ ”اي سوامي! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“