Luke 11:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ هن هڪڙي هنڌ ويٺي دعا گهري، ۽ جڏهن گهري چڪو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي اچي چيس، تہ اي خداوند، جيئن يوحنا پنهنجن شاگردن کي سيکاريو هو، تيئن تون بہ اسان کي دعا گهرڻ سيکار.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪڙي دفعي ڪنھن ھنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏھن دعا گھري چڪو تڏھن سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي خداوند! جھڙيءَ طرح يحيٰ پنھنجن شاگردن کي دعا سيکاري ھئي، تھڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ يسوع پرارٿنا پئي ڪئي. جڏهن هو پرارٿنا ڪري چڪو تڏهن سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! جهڙيءَ طرح يوحنا پنهنجي چيلن کي پرارٿنا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ پرارٿنا سيکاريو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏهن هو دعا گھري چڪو تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! جهڙيءَ طرح يحيٰ پنهنجي شاگردن کي دعا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“