Luke 11:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آڪاش وارو پتا اوهان گھرڻ وارن کي پوِتر آتما ڪونہ ڏيندو ڇا؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“