Luke 11:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ڇا ٿيو جو ميڙاڪي مان هڪڙي زال وڏي سڏ چيس تہ مبارڪ آهي اُهو پيٽ، جنهن ۾ تون هئين، ۽ اُهي ٿڻ، جن کي تو ڌاتو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ اھي ڳالھيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان ھڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڳورو آھي اھو پيٽ جنھن ۾ اوھين ھئا ۽ اھا ڇاتي جيڪا اوھان ڌاتي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙي ناريءَ وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“