Luke 11:29 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن خلق وٽس پئي مڙي، تڏهن چوڻ لڳو تہ هن زماني جا ماڻهو بڇڙا آهن، اُهي نشاني ٿا گهرن، ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني ڪانہ ڏني ويندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ جي چوگرد ماڻھو مڙي آيا، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪھڙا نہ بڇڙا آھن جو اھي ڪو معجزو ٿا ڏسڻ گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن پوءِ تيئن يسوع جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن پوءِ تيئن عيسيٰ جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.