Luke 11:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بدن جو ڏيئو آهي تنهنجي اک: سو جي تنهنجي اک برابر هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن بہ روشنيءَ سان ڀريل هوندو، پر جي بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو بدن بہ اونداهيءَ سان ڀريل هوندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان جون اکيون اوهان جي شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير اونداهيءَ ۾ غرق هوندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان جون اکيون اوهان جي بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن اونداهيءَ ۾ غرق هوندو.